SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نازڪ سهڪار


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نازڪ سهڪار

Spill Over

اسپل اوور

”اسپل اوور“ جي اصطلاح هڪٻئي سان تعاون ڪندڙ ڌُرين/ اتحادن يا گروهن جي طرفان ڪنهن خاص مقصد لاءِ ذميواريون نڀائڻ ۽ انهن ذميوارين جي پورائي مان حاصل ٿيندڙ نتيجن کي پرکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ذميوارين جي ادائگيءَ دوران ڪنهن به مرحلي تي ڪٿي به ڪا خرابي واقع ٿئي، ته انهيءَ کي هڪدم ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جديد علميت پسند سماجي سائنسدان ’هاس‘ جي تحقيق مطابق ”اسپل اوور“ جو طريقو بين الاقوامي سطح تي تعاون کي برقرار ۽ سالم رکڻ لاءِ بهترين طريقو آهي. ٻين عالمي جنگ کانپوءِ يورپ کي نئين سِر اڀارڻ لاءِ اولهه يورپ جي ملڪن ۾ ”شُومئن پلان“ ذريعي هن تصور تحت سهڪار ٿيو، پر گال ازم (فرانسيسي صدر ڊي گال جوقومي مفاد تي ٻڌل منشور) انهيءَ رٿا جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿي پيو. انهيءَ ڪري ماهرن جو خيال آهي ته ”اسپل اوور“ کي قائم رکڻ لاءِ سڀني سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ ، لاڳاپن ۾ ايندڙرنڊڪن کي منهن ڏيڻ ۽ حصيدار ڏرين کي راضي رکڻ لازمي آهي. سياسي مُفڪرن ۽ بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن جو خيال آهي، ته هڪ حد تائين ”قومي سڃاڻپ“ جو تصور بين الاقوامي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. يورپي يونين، OIC ۽ ڪميونزم جا بنياد، قومن جي هڪجهڙن ۽ گڏيل نظرين تحت پيا هئا. گڏيل قومن جو بين الاقوامي ادارو واحد ادارو آهي، جيڪو رياست جي وجود کي صرف سياسي سڃاڻپ جي بنياد تي پرکي ٿو، پر تنهن هوندي به قوم جي هڪ اهڙي سڃاڻپ هجڻ ضروري آهي جنهن ۾ سندس قيام جا بنياد قانون ۽ قاعدن تي رکيل هجن. I.R جا ماهر ۽ سياسي مُفڪر ”قومن جي سڃاڻپ“ واري عنصر کي دنيا لاءِ وڏو خطرو به قرار ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته قومون پنهنجي ”سڃاڻپ“ خاطر هڪٻئي سان جنگ وڙهڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿيون. ان کان علاوه قومون هڪ ٻئي تي حاوي رهڻ (رنگ ۽ نسل جي جهڳڙن سميت) لاءِ به ڪوششون ڪنديون رهن ٿيون. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود دنيا ۾ رهندڙ هر باشندو پنهنجي هڪ قومي سڃاڻپ جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو ۽ ”قوم“ جو نظريو دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو


Remember Me Also:

ٻسڪڻ ل.ت

مصدر. سُڏڪڻ ، ڏسڪڻ. روئڻ. ٻِسڪيو ، ٻِسڪندو ،ٻِسڪيل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal